ايليمينٽري سنسڪرت اسڪول

ايليمينٽري سنسڪرت اسڪول (حيدرآباد ):ورهاڱي کان اڳ هي اسڪول حيدرآباد ۾ ميونسپالٽيءَ پاران قائم ٿيو هو، جنهن ۾ گهڻو ڪري برهمڻ ٻار پڙهندا هئا. هن اسڪول ۾ صرف سنسڪرت پڙهائي ۽ سيکاري ويندي هئي، هي اسڪول حيدرآباد جي بهترين اسڪولن ۾ شمار ٿيندو هو. هي اسڪول زناني اسپتال جي سامهون هو، ۽ ورهاڱي کانپوءِ بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو